جمهوري مجلس عمل

جمهوري مجلس عمل: ڊيموڪريٽڪ ايڪشن ڪميٽي جيڪا ’ڊيڪ‘ جي نالي سان مشهور ٿي. هيءَ ڪميٽي ڊسمبر 1968ع ۾ صدر ايوب خان جي حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ 8 جماعتن گڏيل طور تي ٺاهي، جن ۾: عوامي ليگ (شيخ مجيب الرحمان گروپ)؛ عوامي ليگ (نوابزاده نصر الله خان گروپ)؛ ڪونسل مسلم ليگ؛ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي؛ نيشنل عوامي پارٽي؛ جماعت اسلامي؛ جميعت العلماءِ اسلام ۽ جميعت علماءِ پاڪستان وغيره شامل هيون. مجلس عمل ۾ پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي (ڀاشاني گروپ) شموليت نه ڪئي. 8 جنوري 1969ع ۾ مجلس عمل جي هڪ اجلاس ۾ هي مطالبا ڪيا ويا:
(1) 1962ع جو صدارتي آئين رد ڪري وفاقي پارلياماني طرز جي حڪومت اختيار ڪئي وڃي.
(2) سڀني شهرين جي آزادي جي بحاليءَ، يونيورسٽي آرڊيننس ۽ بغير ڪيس هلائڻ جي قيد رکڻ وارن قانونن کي رد ڪرڻ.
(3) سڀني سياسي قيدين، ذوالفقار علي ڀٽي، شيخ مجيب الرحمان ۽ خان عبدالولي خان سميت سڀني کي آزاد ڪيو وڃي.
(4) تعزيرات پاڪستان جي شق 144 تحت سڀني قانونن کي منسوخ ڪيو وڃي.
(5) پروگريسو پيپرز لميٽيڊ ۽ ان جي اخبارن ۽ رسالن کي اصل مالڪن کي واپس ڪيو وڃي.
جمهوري مجلس عمل تمام جلد هڪ عوامي قوت اختيار ڪري ورتي، جنهن جي دٻاءَ تي ايوب خان مارچ 1969ع ۾ گول ميز ڪانفرنس منعقد ڪئي. شيخ مجيب الرحمان کي ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ جيل مان آزاد ڪيو ويو، ان ڪانفرنس ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ مولانا ڀاشانيءَ کان سواءِ جمهوري مجلس عمل ۾ شريڪ سڀني جماعتن جي سربراهن شرڪت ڪئي. ايوب خان نيون چونڊون ڪرائڻ ۽ اقتدار عوام جي چونڊيل نمائندن حوالي ڪرڻ تي راضي ٿي ويو هو پر جنرل يحيٰ خان 25 مارچ 1969ع تي ٻي مارشل لاءِ لڳائي ’ڊيڪ‘ جي سمورين ڪوششن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو .


لفظ جمهوري مجلس عملھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو